استاد اميد علي خان

استاد اميد علي خان

اميد علي خان

اميد علي خان: اُستاد اميد علي خان هڪ مشهور گويو ٿي گذريو آهي، سندس تعلق موسيقيءَ جي گواليار گهراڻي سان هو. هي حيدرآباد دکن ۾ ڄائو. سندس والد استاد پياري خان گواليار مان لڏي حيدرآباد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو. هن گهراڻي جو نسبي تعلق سڌوسنئون تانسين سان آهي. ماضيءَ ۾ ميان مهر بخش ۽ استاد هدو خان وارا هن گهراڻي جا مڃيل گويا هئا. اُميد علي خان راڳ جي سکيا پنهنجي والد کان ورتي. پوءِ پٽيالا گهراڻي جي استاد عاشق علي خان جو شاگرد ٿيو. ان وقت زاهده پروين، مختيار بيگم، الهڏنو نوناري، ۽ فريده خانم وغيره به استاد عاشق علي خان جي شاگرديءَ ۾ هئا. استاد اميد علي خان جي راڳ ۾ پٽيالا ۽ گواليار ٻنهي گهراڻن جون امتيازي خاصيتون گڏ ٿيل هيون. هن جو اسلوب نهايت سادو ۽ سمجهڻ جهڙو هو. اميد علي خان جي رهائش حيدرآباد ۾ هئي. پاڻ ڪيترو ئي وقت ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد سنڌ سان لاڳاپيل رهيو. 10 جنوري 1979ع تي فالج جي مرض سبب وفات ڪيائين. کيس ”حسن ڪارڪردگيءَ“ جو اعزاز به مليل آهي. هينئر سندس ٻه ڀائٽيا حميد علي خان ۽ فتح علي خان سندس ميراث کي زندهه رکيو اچن.


لفظ اميد علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.00.00  عيسوي

10 جنوري 1979ع تي فالج جي مرض سبب وفات ڪيائين



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديبا ڪنول
اَلطاف حسين سمون
صنم مارئي
بالي/گولي
رجب علي
فائزا علي
اميد علي شاهه
سائين بخش ٿهيم فقير
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
استاد لعل خان گُڪو
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون